1 |
دن هيٺان دٻلي دن هيٺان هي دٻلي آه يا اتپتي جي ندي اصلي آه؟ آ عوررت جو هي نفيس انگ يا انسان جي آمد جو ازلي لنگه؟ هيءُ هاٿي جي منهن وارو ٽڪنڊو آه ڪام ديو جو سونهارو جهنڊو؟ هي آهي ماديات جي نجي دل يا پرش پيار جي آخري منزل؟ هيءُ ماڻڻ ڀوڳڻ جي اونهي غفا يا عورت جي تباهي واري قضا؟ هي ٻل ڪمزوري جو عجيب ميل يا پرش پرڪرتي جو انوکو کيل؟ نانءُ هن جو ڳيهڻ آ ڇا ڇا نه هيءَ ڳرڪائي ٿي! پرش جو ٍآهم پتيءَ جي شخصيت پنهنجي سامهون جهڪائي ٿي دشمن جو حملو انسان جي لعنت سڀ سر سهسائي ٿي پنهني اندر سرشٽي جو ٻج نهائين بڻجي پهچائي ٿي تن من پيءُ جو آسانيء سان پٽ تائين پهچائي ٿي هن آنند جي لئي ڀوڳ جي مئي چؤڌاري ترگڻي مايا آنادي پرش جي ڪايا جيون جا ڪل مقصد چار ڪلا سياست ۽ ٻيا به خمار گهمندا رهيا ڦرندا رهن گهمندا رهندا |
2 |
نوٽ؛ مٿيون ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي. حوالو 1؛ ڪتاب؛ حُر گوريلا جنگ، ليکڪ عطا محمد ڀنڀرو حوالو 2؛ بشير ڪالاڻي جي فيس بُڪ وال |
3 |
لفظ هَفِتِ جيڪو اصل ۾ فارسي لفظ آهي ان جي سنڌي معنا ست ٿئي ٿي ۽ ان کي سپت به چوندا آهن. جيئن ته لفظ هفت جيڪو ستن (ايڪاين) لاءِ استعمال ٿئي ٿو سو عام طور تي مهيني جي چوٿين حصي لاءِ استعمال ٿيندوآهي ۽ ان ۾ سَتَ ڏينهن هوندا آهن. ساڳئي نموني سنڌيءَ ۾ مهيني جي چوٿين حصي لاءِ لفظ سپتو (sapto) استعمال ٿئي ٿو. قديم سنڌيءَ جي “س” سان شروع ٿيندڙ لفظ گهڻو ڪري قديم فارسيءَ ۾ “ھ ” سان شروع ٿا ٿين، ان قسم جو فرق اوهان کي قديم ڪتاب رڳ ويد ۽ فارسيءَ جي قديم ڪتاب اوستا ۾ ملندو مثال طور: جيڪو لفظ رڳ ويڌ ۾ سپت سنڌو استعمال ٿيل آهي، سو ساڳيو لفظ فارسيءَ جي ڪتاب اوستا ۾ هفت هندو جي نالي سان درج آهي، ان کان سواءِ سرسوتي نديءَ لاءِ هرهوتي ندي استعمال ٿيل آهي وغيره . ان مان ڄاڻ پوي ٿي ته سنڌي لفظ سپتو پهرين فارسي اثر جي ڪري ۽ ان کان پوءِ اردوءَ جي آڳانجهائي (غلبي) جي ڪارڻ هفتي ۾ تبديل ٿي پيو آهي، تڏهن به اڃان تائين گهڻا ماڻهو ان کي سپتو به چوندا آهن. |
4 |
جي ايم سيد، سنڌ سان ائين پيار ڪندو آهي جيئن ڪو ٻار جيئريُ ڪوسيءَ ڪُک ِ سان ڪندو آهي. هن لاءِ سنڌ رڳو ڪاڇو ۽ ڪوهستان، کيرٿر ۽ ڪارونجهر نه هئي، هي ڏاڏا پڙڏاڏا به آهن جي ڪڏهن به مئا نه هئا ۽ جي هر عيد نماز تي ان سان ڪٺا هوندا آهن. مان چاهيان ٿو ته جي ايم سيد تي هڪ نظم لکان. هي وحدت الوجودي، هي صوفي لڪوفي، هي اڌو گابرو ساميوادي ۽ پڪو پختو ديش ڀڳت، هيُء ماکيُء .کان مٺڙو ۽ وهه کان ڪڙو ماڻهو مون کي هڪ جهوني بڙ وانگر لڳندو آهي . جڏهن سج ٽامڙي هڻي ويندو وڌيڪ گهاٽي ٿي ويندي َ آهي تڏهن هن جي ڇانو ۾ ڪيئي پکيئڙا پنک پساريندي ڏٺا آهن؛ پر مان ان وقت جي َ ان ڇانو جي انتظار ۾ آهيان جڏهن عقاب انهيُء بڙ مٿان ڦيرا ڏيئي، تتل سج کي تيز نظرن .سان گهوريندي ڏسندا. (شيخ اياز) |
5 |
مخلتف ريسرچ اسڪالر ۽ تاريخ جي ڇنڊڇاڻ ڪندڙ تحقيقدان ان ڳالهه يا دعوا جي پڪن ثبوتن، سچائين ۽ مظبوط حقيقتن جي بنياد تي چيلينج ڪري رهيا آهن ته محمود غزنوي ڪو سومناٿ تي ڪاهه ڪئي هئي. ڇو جو سومناٿ، افغانستان کان گهڻو پَري، انڊيا جي رياست گجرات جو ان زماني ۾ هڪ عام ڳوٺ هو ۽ ان زماني ۾ سومناٿ جي ڪا جاگرافيائي، سياسي يا اقتصادي اهميت ڪو نه هئي. ان زماني ۾ اتي ڪجهه عام مندر هئا، پر اهڙا ڪي به ثبوت نٿا ملن ته ان زماني ۾ اتي ڪو اهم مندر هو. |
6 |
سوال اهو آهي ته جيڪڏهن اتي ڪو اهم مندر هو ۽ سومناٿ ڪو اهم شهر هئو ته پوءِ هندو پنهنجي روايتن موجب ان مندر يا شهر ڏانهن ياترا لاءِ ڇو نٿا وڃن، جيئن اهي پاڪستان جي ڪٽاس راڄ مندر يا سنڌ ۽ بلوڇستان جي حد تي هنگلاج ۾ نانيءَ جي مندر ڏانهن وڃن ٿا يا جيئن هندو بنارس ياترا يا ڪشمير ۾ ٿيرٿ ياترا يا گنگا اشنان وغيره تي وڃن ٿا. تنهنڪري لڳي ائين ٿو ته مسلمانن محمود عزنويءَ کي زوري عظيم مسلم هيرو ۽ جرنيل ظاهر ڪرڻ لاءِ سومناٿ جي سوڀ جو فرضي قصو گهڙيو هو، جنهن جو حقيقت سان ڪو به لاڳاپو نظر نٿو اچي. |
7 |
سوچڻ جي ڳالهه آهي ته محمود عزنوي، لڳ ڀڳ هڪ هزار سال پهرين سڄو پنجاب پار ڪري، سنڌ جي ريگستاني علائقي ۽ پوءِ ڌٻڻن واري علائقي مان گذري، سفرن ۽ منزلن جا سور سهي وڃي گجرات تائين رسيو ۽ سندس رستي ۾ ڪنهن سان جنگ جي به ڪا شاهدي نٿي ملي. ڇا محمود عزنوي ۽ سنڌس هيڏي ساري لشڪر ڪا سليماني ٽوپي پائي رکي هئي جو اهو ڪنهن کي به نظر نه آيو ۽ سدو وڃي سومناٿ پهتو. |
8 |
حقيقت اها آهي ته ان زماني ۾ زرعي حوالي سان خوشحال ۽ سَرهي رڳو سنڌ هئي (ان زماني ۾ ڪشمير تائين جو علائقو لڳ ڀڳ سنڌ ئي هو)، اهي ئي ڪارڻ هئا جو سڀئي ٻاهريان ڦورو رخ سنڌ ڏانهن ئي ڪندا هئا. ان زماني ۾ سنڌو نديءَ جي ڪري، سنڌ ۾ ڪڻڪ، خوراڪ، وهٽن، ميون ۽ ڀاڄين جي گهڻائي جي هوند اصل ۾ ڦوروئن ۽ ڌاڙيلن کي سنڌ تي ڪاهي اچڻ لاءِ انهن جي دل ۾ اِڇا يا خواهش پيدا ڪندي هئي. اهو ئي سبب هو جو محمود عزنوي سترانهن ڪاهون رڳو سنڌ ۽ پنجاب تي ڪيون ۽ پوءِ نيٺ ان سڄي پرڳڻي کي پنهنجي سلطنت يعني هاڻوڪي افغانستان ۾ ضم ڪري ڇڏيو. |
9 |
محمود عزنوي کي عظيم مسلمان سپهه سالار ظاهر ڪرڻ رڳو سياسي مقصدن لاءَ هو. ان جو حقيقتن يا سچائي سان ڪو لاڳاپو نه هئو. ڇو جو محمود عزنوي جي پنهنجي علائقي يعني باميان، افعانستان ۾ گوتم ٻڌ جا وڏا وڏا بُت موجود هئا، جيڪڏهن محمود عزنوي اهڙو ئي سچو بت شڪن هئو ته پوءِ ان افغانستان کان هزارين ميل پَري گجرات ۾ وڃي بُت ڇو ڀڳائين، هن سومناٿ ۾ موجود بتن کان به وڏا بُت جيڪي سندس علائقي ۾ موجود هئا سي ڇو نه ٽوڙيا. تنهنڪري اها ڳالهه ته محمود عزنوي پاران سومناٿ تي ڪاهه اسلام جي واڌاري لاءِ ڪئي وئي هئي جو حقيقتن سان پَري پَري تائين ڪو لاڳاپو نظر ڪو نه ٿو اچي. بلڪي محمود عزنوني ته پاڻ ايران، خراسان جي مسلمان رياستن تي ڪاهون ڪري انهن کي تباهه ۽ برباد ڪيو هئو. |
10 |
عبدالرحيم گرهوڙيءَ جون ڪيل هي اڳڪتيون مشهور آهن. |
11 |
پنڌ کٽندا، سنگ ٽٽندا، مند نه وسندا مينهن، ادب ويندو، حيا ويندو، لڄ نه رهندي ليهه، راجا ر اڪاس ٿيندا، گولا پيئندا گيهه، تون آهين ته شينهن پر؛ تو کي سلام ڪرڻو پوندو سهي کي. |
12 |
ليبه يوسفزئي |
13 |
اسٽالن، هڪ ڀيري پاڻ سان گڏ پولٽ بيورو ۾ هڪ ڪُڪڙ کڻي آيو ۽ سڀني جي آڏو ان جو هڪ هڪ ڪري پَر پَٽڻ لڳو، ڪڪڙ سور منجهان رَڙندو رهيو، پر اسٽالن هڪ هڪ ڪري ان جا سڀئي پَرَ پٽي اڇلائي ڇڏيا. پوءِ ڪُڪڙَ کي فرش تي اڇلائي ڇڏيو، ۽ کيسي مان ڪجهه داڻا ڪڍي ڪڪڙ ڏانهن اڇلائي هلڻ لڳو، ڪڪڙ به داڻا چڳندو اسٽالن جي پٺيان هلڻ لڳو، اسٽالن، لاڳيتو داڻا اُڇلائيندو ويو ۽ ڪڪڙ داڻا چُڳندو سندس پٺيان هلڻ لڳو ۽ نيٺ اسٽالن جي پيرن ۾ اچي بيهي رهيو. اسٽالن، پنهنجي ڪامريڊز ڏانهن نهاريو ۽ چيو، سرمائيندار رياستن جو عوام به هن ڪُڪڙَ وانگر آهن. سندن حڪمران، پهريائين کانئن سڀ ڪجهه ڦري کين جڏو ڪري ڇڏين ٿا. پوءِ ٿوري خوراڪ يا سهولتون ڏئي کين سندن مسيحا بڻجي وڃن ٿا ۽ ڪجهه سڪن، ڪجهه گراهن جي عيوض معاشي غلامي جي ور چڙهيل ۽ اجتماعي شعور کان وانجهيل عوام اها ڳالهه وساري ويهي ٿو ته انساني روپ ۾ انهن بگهڙن ئي ته کين چوپائي جي درجي تي پهچايو آهي. |
14 |
سنڌ جي ڏاهي حشو ڪيولراماڻي جو قول : ”آئون ڪميونزم لاءّ وڙھي سگهان ٿو آئون ڪميونزم لاءِ مري سگهان ٿو پر ڪميونزم جي هيٺ رهڻ پسند نه ڪندس.“ |
15 |
محمد ابراهيم جويو |
16 |
ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد، سنڌ جي اُها باوقار، حوصله مند ۽ ساڃاهه – وان نياڻي هئي، جنهن نه رڳو پنهنجي خاندان جو پر سموريءَ سنڌ جو، سنڌ ۾ ۽ سنڌ کان ٻاهر، نالو روشن ڪيو. هُن جو والد محترم سائين جي .ايم.سيد سنڌ جي اُها عزت لائق شخصيت هو، جنهن جو جديد سنڌ ۽ اُن جي جديد قومي شعور جي تعمير ۾ لازوال ڪردار هو. |
17 |
ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد، پنهنجي والد جي تربيت هيٺ رهي، انهن جي سٻاجهائپ ۽ سادگيءَ، سيرت ۽ ڪردار واريءَ بلنديءَ ۽ علم ۽ عمل وارا گڻ حاصل ڪري، سچ پچ پاڻ کي سنڌ جي سرزمين جي هڪ مثالي گڻوان، سٻاجهي ۽ عالم عورت ثابت ڪيو. |
18 |
باوجود خانداني رسمن جي قيد ۾ جڪڙيل سماج جي رڪاوٽ جي، هِن سدوريءَ ۽ سلڇڻي نياڻيءَ، صرف ۽ صرف پنهنجي والد محترم جي محبت، رهبريءَ ۽ ساٿ سان، سنڌ يونيورسٽيءَ کان ڏورانهين انگلنڊ جي سَسيڪس يونيورسٽيءَ تائين جو علمي سفر طيءَ ڪيو، ۽ وڏيءَ محنت، اورچائيءَ ۽ همت سان پيءُ جي خواهش جو احترام رکندي، سنڌ جي صوفين جي عالمي پيغام “universal message of sufis of sindh” جهڙي هڪ دلپذير ۽ اعليٰ موضوع جو انتخاب ڪيو، ۽ سالن جي پورهئي ۽ ڏاکڙن، ۽ علمي وسيلن ۽ خود پئسي جي محدوديت جي باوجود، سنڌ جي اُن “پهرينءَ نياڻيءَ هئڻ” جو شرف حاصل ڪيو، جنهن شاهه لطيف جي فڪر عظيم ذريعي سنڌ جي صوفين جي جامع پيغام تي ڊاڪٽريٽ جي مُستَنِد ۽ مُعتبر ڊگري حاصل ڪئي. سنڌ جي هن پُر عزم نياڻيءَ، پنهنجي علم جي تڪميل لاءِ، ڪيڏي نه جاکوڙ ۽ ذهن جي ڪيڏيءَ نه يڪسُوئيءَ ۽ همه گيريت کان ڪم ورتو مختلف ادارن ۾ داخلا جا ڏکيا مرحلا، استادن ۽ علمي رهبرن (guides) جي علمي فيض جو استفادو، ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن ۽ دستاويزن جي تلاش ۽ انهن جي تفصيلي ۽ باريڪ مطالعو، مختلف ٻولين جي ڄاڻ جي حاصلات، ۽ تصوف، ويدانت ۽ يورپ جي mysticism بابت، مذهبن ۽ فلسفن جي اڀياس، ايم اي، ايم فِل ۽ پي ايڇ ڊي جي علمي ۽ مطالعاتي تقاضائن جو پورائو- اهي ڏکيا ۽ اڻاوالَڪَ هئا، جيڪي سَنَ جهڙي ڪُنڊائتي ڳوٺڙي ۽ پيراڻي / سَيداڻي گهر جي نياڻيءَ کي نه رڳو لنگهڻا پيا، پر، سنڌيءَ جي مقبول محاوري موجب، “ٽڪر ٽاڪڻا” پيا. اُن سڄي سفر ۾ جيڪا رهنمائي سيد اعظم، سائين جي ايم سيد، پنهنجي نياڻيءَ جي ڪئي، سا سچ پچ ته والدين لاءِ هڪ سبق ۽ هڪ مثال آهي. جيجي دُرِ شهوار جون لکڻيون پڙهي پختي عزم ۽ ارادي واريءَ نياڻيءَ جي مستقل مزاجيءَ کان متاثر ٿيڻو پوي ٿو، اُتي سندس علم جي راهه ۾ رڪاوٽن جي ڄاڻ پڻ ملي ٿي، ۽ اُتي اسان جي ملڪ جي ادارن، استادن ۽ شاگردن جي ابترحال جو نقشو به اسان جي اکين آڏو تَريِ اچي ٿو ۽ معلوم ٿئي ٿو ته منزل جي حاصلات لاءِ رڳو جذباتيت ۽ هلڪي نعري بازي ضروري نه آهي، پر اُن لاءِ اول العزميءَ، ڄاڻ ۽ محنت ۽ خالص محنت جي ضرورت آهي. |
19 |
جيجي دُرِ شهوار مادر علمي سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري، مان 28 نومبر 19722ع تي، يعني اڄ کان پورا 42 سال اڳ، جِي جِي دُرشهوار پنهنجي والد محترم کي لکيو هو، اُهو خط پڙهي، محسوس ٿئي ٿو ته اسان جي استادن ۽ شاگردن جو معيار ۽ ذهني سطح اڄ به اُتي ئي بيٺي آهي. خط ۾ لکي ٿي: “انهن نوجوانن جو ذهن ڪڏهن بالغ ٿيندو، ڪجهه چئي نٿو سگهجي، ڪهڙي مُنهن سان هِنن ۾ اميدون رکجن، جيڪي سڄو سالُ ڪلاسن جو مُنهن ڪونه ڏسن، امتحان ۾ استادن کي ريوالوَر ڏيکاري، ڌمڪيون ڏئي، آرام سان ڪاپي ڪري، پوزيشن کڻن ۽ فرسٽ ڪلاس پاس ٿين! پوءِ انهن جي قابليت جو اندازو خود لڳائي سگهون ٿا. اِنهيءَ جي باوجود افعالن جا سٺا هجن ته به چڱو! |
20 |
“ٻئي طرف استاد هر حالت ۾ پنهنجا دقيانوسي عقيدا شاگردن تي مڙهڻ جي ڪوشش ۾ آهن! جيڪو نه مڃين، ته ڊگريءَ تان هٿ کڻي- جيئن 14 سالن کان پوءِ مس مس وڃي الانا صاحب کي ڊگري ملي آهي! جن جي نظر ۾ ڌرتيءَ سان محبت ۽ ڌرتيءَ جي ساراهه ڪفر آهي، ۽ ٻئي طرف virtues (نيڪيون) صرف ۽ صرف مسلمانن جي ميراث آهن، جيڪي ٻئي ڪنهن به مذهب جي پوئلڳن ۾ ٿي نٿيون سگهن! سواءِ سندن گروهه جي ملن جي، ٻيا هنن جي نظر ۾ سڀ ڀٽڪيل آهن! تعليم نه ٿي، هڪُ تماشو ٿيو. اهڙن استادن ۽ شاگردن سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ يا هنن جهڙو ٿيڻو پوي يا چرين جي اسپتالن ۾ اڳ ئي روم رزرو ڪرائي ڇڏجي!” ڇا، اڄ به ساڳي حالت نه آهي؟ استاد مارون کائين پيا، تعليمي ادارن ۽ هاسٽلن کي چو ديواريون ڏئي جيل خانو بنايو ويو آهي، شاگردن ۽ استادن کان رينجرس ۽ پوليس وارا تلاشي وٺي، پوءِ کين اندر داخل ٿيڻ ڏين ٿا! جتي تعليم جي محافظ رينجرس ۽ پوليس هجي، استاد شاگردن کان ڊڄن ۽ شاگرد پنهنجن هيڻن تي آڪرا ۽ پروان ڏاڍن جا غلام هجن، اُتي تعليم جو معيار ڪيئن بلند ٿيندو! جتي درسگاهن ۾ آزاد سوچ اختيار ڪرڻ جو حق نه هوندو ته ڪَٽَر پڻي استادَ لائق ۽ ذهين شاگردن کي لازمي طرح 14سالن ۾ ڊگريون ڏيندا، ۽ چاپلوس ۽ “تون مون کي حاجي چَئُه، مان توکي قاضي چوان” قسم جي شاگردن کي ٻن ٽن سالن اندر ڊگريون ملي وينديون، ۽ پوءِ ڊگرين جي ڀَريُن وارا ڊاڪٽر جيڪو ذهني علاج هِن اٻوجهه ۽ وهمن ۾ ورتل غلام قوم جو ڪندا، اُن جي نتيجي کان باخبر آهيون. |
21 |
اهڙي طرح جِي جِي دُرشهوار علم جي حاصلات لاءِ جڏهن پرڏيهه لاءِ اُسَهِي هئي، ته هن جو مطمع نظر صرف ڊگري نه هو، پر هُن جو مقصد علم جي حاصلات هئي، پوءِ اُهو علم انگلنڊ ۾ ملي يا ايران ۾، آمريڪا ۾ ملي يا انڊيا ۾ هر هنڌ هُن ڪوشش ڪئي، ۽ پنهنجي وسيع النظر، وسيع القلب ۽ عالم والد کان وک وک تي رهنمائي حاصل ڪئي، ۽ جڏهن علم حاصل ڪري موٽي، ته مان ۽ مريادا سان ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ اچي استاد ٿي. ولايت ۾ تعليم دوران تصوف ۽ شريعتي مذهبن جي مقابلي جهڙي وسيع ۽ گنجلڪ موضوع جي اڀياس لاءِ هِن ذهين، حساس ۽ باصلاحيت نياڻيءَ کي ڪهڙيءَ طرح لائبريريون ڀيٽڻيون پيون، ڪهڙن ڪهڙن استادن جي ليڪچرن ۾ شريڪ ٿيڻو پيو. پر باوجود ان جي سندس ڄاڻ اڻپوري ۽ تشنه رهجي وڃي ٿي، ته سندس ٻاجهارو محسن، عظيم پيءُ هڪ ماهر استاد بنجي، سندس رهنمائي ڪري ٿو ۽ کيس سمجهائي ٿو ته کيس ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب پڙهڻ گهرجن. اِن مان سائين جي ايم سيد جي علمي برتريءَ ۽ وسيع مطالعي جي ڄاڻ پوي ٿي ته جتي انگلنڊ جا قابل استاد درشهوار جي رهنمائي ڪرڻ ۾قاصر رهن ٿا، اُتي سائين جي ايم سيد جِي جِي جي نه رڳو رهنمائي ڪري ٿو، پر کيس گهربل ڪتاب هِتان هتان هٿ ڪري موڪلي ٿو. ائين ڄڻ تها سان جي هيءَ سُلڇڻي ۽ محنتي نياڻي ٽطرفو علم، يعني ذاتي مطالعي، استادن جي رهبريءَ ۽ والد جي سکيا وسيلي، حاصل ڪري ٿي. ان مان ڄاڻ پوي ٿي ته اسان جي ملڪ ۾ ڊگري وٺڻ ڪيتري آسان آهي ۽ ٻاهر ڪيتري مشڪل ۽ ڏکي آهي! |
22 |
جِي جِي درشهوار جڏهن پنهنجي ماءُ جي وفات تي پريشان ٿي وڃي ٿي ته کيس اُن ڏک برداشت ڪرڻ لاءِ سائين جي ايم سيد جيڪو عالمانه خط لکن ٿا، سو پڙهڻ جهڙو آهي. “زندگي هڪ روشنيءَ جي جهلڪ وانگر آهي جڏهن ڏيو يا بتي وسامي ٿي ته ڄڻ هئي ڪانه، اهي ڏک ۽ ارمان سڀ ائسوسيئيشن جي ڪارڻ آهن، جي زندگيءَ جي سمورن دکن جو ڪارڻ ٿين ٿا. مهاتما گوتم به اهڙيون حالتون ڏسي ۽ اُن سان، جي دک پيدا ٿين تن مان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ ورهين جا ورهيه بن ۾ رهي، ڌيان ۽ فڪر بعد، زندگيءَ جي اسرار کان واقف ٿيو هو، جنهن بعد کيس معلوم ٿيو ته دک سڀ لاڳاپن جي ڪارڻ پيدا ٿين ٿا. اُنهن جي ڄار مان آزادي حاصل ڪرڻ صحيح علم جو مقصد آهي. جنهن کي ٻُڌي سڏيو اٿن. تو کي فلسفه روح مذهب جي پِڙهڻ لاءِ ان ڪري موڪليو اٿم ته تون اُن نروان جي راز کان واقف ٿين، “بيدل” سائين فرمائي ٿو: |
23 |
سک رمز وجود وڃاوڻ دي نهين حاجت پڙهڻ پڙهاوڻ دي |
24 |
هاڻ جي تون جنهن کي علم حقيقي يا روحاني رمزون معلوم ڪري، ماڻهن کي ان مان واقف ڪرڻ لاءِ موڪليو اٿم، سا لاڳاپن جو شڪار ٿي، دک جي انتها جو ائين اظهار ڪندينءَ، ته اسان جو ڪهڙو حال ٿيندو……” (12-1-1976) |
25 |
هيءَ سنڌ جي بي بها ۽ بي بدل نياڻي، سنڌ جو وڏو اثاثو (a***ett) هئي. هن جي پي ايڇ ڊيءَ جي ٿيسز جي اهميت محسوس ڪندي، سنڌي ادبي بورڊ اُن کي انگريزيءَ ۾ ڇپايو، ۽ اُن جو اردو ترجمو پڻ تازو ڇپجي چڪو آهي. |
26 |
جِي جِي درشهوار جي ڪَمِٽمينٽ (سِرَ سيتائيءَ) محنت ۽ اورچائيءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ ٽن سالن لاءِ لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ، جي چيئر پرسن بڻي، ته اُن مختصر عرصي ۾ ڪيڏو نه معيار جو ڪم ڪري ڏيکاريائين، اُن جو ثبوت سندس هيٺين سهيڙيل ۽ شايع ڪيل ڪتابن مان ملي ٿو: (1) شاهه لطيف ۽ سنڌي موسيقي، (2) شاهه لطيف تي تحقيق، (33)شاهه لطيف بابت ببليو گرافي، (4)شاهه جو رسالو (چئن زبانن ۾) جلد 1، (5) ڪشف الابيات (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي سهيڙيل ڪتاب جي تدوين)، (6)تحقيق جو طريقيڪار |
27 |
آخر ۾ سائين جي ايم سيد جا هي پيار ڀريا دعائيه ۽ اعترافي لفظ اسان جي هن بي بدل نياڻيءَ لاءِ وڌ ۾ وڌ خراج به آهن ته “تنهنجي تعليم جي ڪاميابي منهنجي زندگيءَ جي مِشن جي سرانجاميءَ جو واڌارو آهي!” |
28 |
ترجمہ ابراہیم صالح |
29 |
ماں تو رونا نہیں ،ماں تو رونا نہیں ، پاسبانان ظلمت کے ہاتھوں اگر ، مرے گمگشتہ سب ساتھیوں کی طرح ، گر میں مارا بھی جاؤں کہیں نہ کہیں ، اشک گریاں سے پلکیں بھگونا نہیں ، ماں تو رونا نہیں ،ماں تو رونا نہیں…… گر یہ شاہی قلعے کی فصیلیں تجھے ، میری موجودگی کا پتہ بھی نہ دیں ، اور دلائل کے منحوس زندان پر ، منڈلاتی ہوئی گدھ چیلین تجھے ، خوں آلودہ چونچوں سے محو متن ، کچھ بتا بھی دیں .. ماری ماری تھکی ، در بدر تو پھرے ، شام غم بھی اگر ، تجھ کو یوں دیکھ کر ، تیری حالت پہ پرسہ و ماتم کرے، چاہے کچھ بھی ہو ماں ، دامن ضبط ہاتھوں سے کھونا نہیں ماں تو رونا نہیں ،ماں تو رونا نہیں…… یہ تقاضاۓ خوں عباسی ہے ماں، جسم اپنے کو تحفے میں دوں کھرچیاں، کب تلک بنر ذہن و ضمیر و زبان ، کب تلک وطن پر وردیاں وردیاں ، ایسے حالات میں ،جبر کی رات میں ، چاہے کچھ بھی ہو ماں ، دامن ضبط ہاتھوں سے کھونا نہیں ، ماں تو رونا نہیں ،ماں تو رونا نہیں….. (ترجمہ ابراہیم صالح) |
30 |
شاعري؛ شيخ اياز ترجمو؛ منوج ڪمار |
31 |
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان- مون ڪيئي ڏوههَ ڪيا آهن! هِن سَرَ جي گدلي سينوَر ۾، هي نيل-ڪنول به ته ڏوهي آ، ۽ ڪوبه چَڪور انڌاري ۾، جي اُڏري ٿو ته دروهي آ- هي ڏوهه نه آهي، ماڻهوءَ جي مون مِٽي ٻيهر ڳوهي آ!! مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان- |
32 |
ı accept my crimes, ı have committed many crimes. blue lotus blossoming in sewer, and chukar bird flying in darkness, are all criminals. ısn’t it a crime that ı have kneaded anew, the clay of man? yes, ı accept my crimes. |
33 |
هي ڏُوهه نه آ، آڪاس ڇڏي، مون پريت لڳائي ڌرتيءَ سان؟ هوءَ سانجهي جا ست-رنگ هُئي، مون ڪانه قبولي سِجَ ڪَنان- ٿو آگَم آگَم ٿي اُڀران، ۽ ڪِرڻا ڪِرڻا ٿي برسان، مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان- |
34 |
ısn’t it a crime that ı have left lofty sky, instead loved the beloved mother earth ? ı resist the temptation of accepting the joyful night, and long for the bright dawn. ı have floated with gracious clouds, and, rained down with bright rays. yes, ı accept my crimes. |
35 |
هي ڏوههُ نه آ، هن ڌرتيءَ تي، مون دل جي ديوَل جوڙي آ؟ تو نفرت جي ديوار کنئي، مون اُن جي پاڙ اُکوڙي آ- مون ڳاتا گيت محبت جا، مون واڳ وطن جي موڙي آ، مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان- ısn’t it a crime; that ı have built a temple of love, on the earth? and,demolished the wall of hate, you have erected. ı have sung the songs of love, and, have steered my land anew. yes, ı accept my crimes. |
36 |
مون آزاديءَ جي سَئن هنئي، مون لاٿا طوقَ غلامن جا، هي گيت هُيا يا جادو ها، زنجير ٽُٽا ايامن جا! سڀ موتي سمجهي چونڊن ٿا، اڄ ڳوڙها مُنهنجي دامن جا، مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان- ı sung for liberty, ı removed the iron collars, from necks of slaves. these magical songs, broke the chains of centuries. all now pick my tears, thinking them precious pearls, yes, ı accept my crimes. |
37 |
مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان! ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن، ٿو آئون سندءِ ديوارن سان، ٿا تنهنجا ڀاري بُرجَ لُڏن، تون هيڻو آن هٿيار سان- مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان- |
38 |
ı have brought a singular talent, strings of musical instruments are at war with swords, my songs are striking against your metallic walls, your ma***ive forts are shaking , and, with heavy weapons, you went to be weak. yes, ı accept my crimes. |
39 |
تون مون کي ڦاهي چاڙهيندين، مان توکان مورُ نه مرڻو هان- گُنجار ڪندي جا مون کان پو، تنهن جندڙيءَ جو مان جهرُڻو هان- ٻيو چارڻ بڻجي، چَنگُ کڻي، مان ورڻو هان، مان ورڻو هان، مان ڏوهي هان، مان ڏوهي you’ll send me to gallows, but ı’ll be back and alive. ı am fountain of the life, that will flow unhindered even in my absence, ı’l resuscitate from my ashes ;will come back again, like minstrel carrying the harp. yes, ı accept my crimes. |
40 |
نوٽ؛ شيخ اياز جي مٿئين شاعري ۽ ان جو منوج ڪمار طرفان ڪيل ترجمو سوشل ميڊيا (فيس بُڪ) تان ورتل آهي. |